روسي صدر پيوٽن جي سخت مخالف اپوزيشن اڳواڻ کي زهر ڏنو ويو

لنڊن: صد پيوٽن جي سخت مخالف اپوزيشن اڳواڻ جي حالت خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
برطانوي خابرو اداري موجب اپوزيشن اڳواڻ اليگزي ناوالني جي ترجمان الزام هنيو آهي ته اپوزيشن اڳواڻ کي زهر ڏنو ويو آهي جنهن سبب ان جي حالت خراب ٿيڻ کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي ترجمان چيو آهي ته روس ۾ ڪرپشن جي خلاف مهم ۾ اڳڀرو رهندڙ اپوزيشن اڳواڻ اليگزي ناوالني جي اڏام دوران حالت خراب ٿي جنهن سبب اڏام جي ايمرجنسي لينڊنگ ڪرائي وئي.
اپوزيشن اڳواڻ جي ترجمان اليگزي ناولني جي چانهه ۾ زهر ملائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن اڳواڻ هن وقت اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. هن چيو ته خميس جي صبح اپوزيشن اڳواڻ ماسڪو مان واپس اچي رهيو هو ۽ هن صبح جو سوير صرف ڇانهه پيتي هئي ان ڪري لڳي ٿو ته چانهه ۾ ڪجهه ملايو ويو هيو.
برطانوي ميڊيا موجب ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اليگزي ناوالني هن وقت بيهوشي جي حآلت ۾ آهي ۽ ان جو علاج جاري آهي اپوزيشن اڳواڻ جي ترجمان جو چوڻ هو ته اليگزي کي انتهائي سيريس حالت ۾ رکيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اليگزي ناوالني کي اومسڪ شهر جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي ان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. برطانوي ميڊيا موجب اليگزي روسي صدر پيوٽن جو سخت مخالفن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔