سنجي دت جي ڪينسر جو علاج ڀارت ۾ شروع

ڀارتي اداڪار سنجي دت ۾ ڪينسر جي سڃاڻپ واريون خبرون سامهون اچن کانپوءِ اهي اطلاع هئا ته هو شروعاتي علاج ڀارت مان ڪرائيندو جڏهن ته اداڪار جي زال منائتا دت سندس علاج جي حوالي سان تصديق ڪري ڇڏي آهي. سنجي دت کي گذريل ڏينهن پنهنجي گاڏي ۾ اسپتال ڏانهن روانو ٿيندي ڏٺو ويو. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته منهنجي لاءِ دعا ڪريو. ٻئي پاسي سندس زال پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مان سنجي جي مداحن جي ورهين کان ٿورائتي آهيان. هن چيو ته سنجي دت پنهنجو شروعاتي علاج ممبئي مان مڪمل ڪرائيندو ۽ پوءِ ڪورونا وائرس جي صورتحال بهتر ٿيڻ تي اسان سفر جو ارادو ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔