چين ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين تجربي کان پوءِ پاڪستان کي ڏيندو

بيجنگ: چين موذي وائرس ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين پاڪستان کي فراهم ڪندو.آمريڪي ميڊيا موجب چين هڪ سمجهوتي تحت پاڪستان کي ڪورونا وائرس جي ويڪسين فراهم ڪندو. هن سمجهوتي تحت ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت پاڪستان ۾ به ڪورونا وائرس جي ويڪسين جو تجربو ٿيندو.آمريڪي ميڊيا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته اها ويڪسين پاڪستان ۾ پوڙهن ماڻهن، طبي عملي ۽ انتهائي بيمار ماڻهن کي ڏني ويندي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪا ڪورونا جي خلاف مبينه طور تي بهتر دوائن مان هڪ دوا رمڊيسيوير جو سڄي برطانيه ۽ يورپ مان اسٽاڪ خريد ڪري ورتو هو جنهن کان پوءِ چيو پيو وڃي ته برطانيه ۽ يورپ جا مريض دوا کان محروم رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔