ماڻهن جي سوالن کان تنگ اچي تڪڙي شادي ڪئي: اقرا عزيز

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا اقرا عزيز انڪشاف ڪيو آهي ته مان ماڻهن جي سوالن کان تنگ اچي ياسر حسين سان تڪڙي شادي ڪري ڇڏي.
اداڪارا اقرا عزيز، عفت عمر جي آن لائن شو ۾ شريڪ ٿي، جتي عفت کانئس شادي جي حوالي سان سوال پڇيو ته توهان ايتري جلدي شادي ڇو ڪئي؟
اقرا عزيز چيو ته حقيقت ۾ مون کي ماڻهن جي انهن سوالن تي اعراض هو، جن ۾ پڇيو ويندو هو ته توهان ۽ ياسر ڊيٽنگ ڪري رهيا آهيو؟ ڇا توهان جا ڪي لاڳاپا آهن يا نه وغيرا وغيرا.
اداڪارا موجب مان اهڙن سوالن مان تنگ اچي ويس ۽ سوچيو ته بهتر آهي اسان ٻئي گڏ وقت گذارڻ جي خواهش ڪيون، شادي ڪيون ۽ سدائين گڏ رهون.
سندس چوڻ هو ته ماڻهن جي سوالن توهان ٻئي گڏ آهيو يا نه؟ توهان شادي ڪري رهيا آهيو؟ ڇا توهان ٻئي ملاقاتون ڪندا آهيو، اسلامي معاشري ۾ توهان ائين ڪيئن ٿا ڪري سگهو؟ تنهن ڪري مان ياسر حسين سان شادي ڪرڻ مناسب سمجهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔