طبعيت بهتر ٿيڻ تي سنجي دت اسپتال مان ڊسچارج

نئين دهلي:) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت کي 2 ڏينهن اڳ 8 آگسٽ تي ساهه ۾ تڪليف جي ڪري اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.
سنجي دت کي ممبئي جي خانگي ليلاوتي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي هن جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ به ڪئي وئي هئي.
خيال ڪيو پيو وڃي ته اداڪار کي امڪاني طور تي ڪورونا جي ڪري ساهه کڻڻ ۾ تڪليف آهي پر خوش قسمت سان هن جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ نيگيٽو آئي هئي.
طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال داخل ڪرڻ بابت پاڻ سنجي دت به مداحن کي ٽوئيٽ جي ذريعي آگاهه ڪيو هو ته هن پهرين ئي چيو هو ته هو 2 کان 3 ڏينهن ۾ گهر واپس اچي ويندو.
اداڪار جي وارثن به سنجي دت کي ڪنهن بيماري نه هئڻ يا ڪورونا جون علامتون نه هئڻ جي تصديق ڪئي هئي.
اسپتال ۾ 2 ڏينهن تائين علاج هيٺ رهڻ کان پوءِ اداڪار کي 10 آگسٽ تي ڊسچارج ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته 61 سالن جي اداڪار کي 10 آگسٽ جي منجهند جو ئي ڊسچارج ڪيو ويو ۽ هو خوشگوار موڊ ۾ اسپتال مان نڪتو.
اداڪار اسپتال کان ٻاهر نڪرندي وقت فوٽوگرافرز ۽ صحافين کي به سلام ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔