لبنان جي وزيراعظم ڪابينا سميت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

بيروت : لبنان جي وزيراعظم حسان دياب پنهنجي ڪابينا سميت استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

هن صدر ميشال عون کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته تمام جلد پنهنجي عهدي تي استعيفيٰ ڏيندو.

لبنان جي مقامي ميڊيا وزيراعظم طرفان بيروت ڌماڪن سبب استيفيٰ ڏيڻ جون خبرون ڏنيون آهن.

حسان دياب جي ڪابينا ۾ شامل ڪجهه وزير ۽ پارليامينٽ ميمبر اڳ ئي عهدي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن.

لبنان ۾ حسان دياب جي قيادت هيٺ نئين ڪابينا جنوري ۾ جوڙي وئي هئي.

ذريعن موجب ڪيترن ئي وزيرن استعيفيٰ جو ارادو ظاهر ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ڪابينا اجتماعي استعيفيٰ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

واضح رهي ته بيروت جي بندرگاهه تي گذريل هفتي ٿيندڙ ڌماڪن کانپوءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔