وزيراعظم عمران خان 12 آگسٽ تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي ايندو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان 12 آگسٽ تي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، جنهن جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم هڪ ڏينهن جي دوري دوران گورنر عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندو.

ڪراچي جي دوري دوران وزيراعظم اسيمبلي ميمبرن ۽ بزنس ڪميونٽي سان به ملاقات ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقاتن دوران مختلف معاملن کانسواءِ ڪراچي ۾ سستن گهرن جي اڏاوت جو معاملو به غور هيٺ ايندو.

ذريعن موجب وڻڪاري مهم تحت وزيراعظم ڪراچي ۾ ٻوٽا به پوکيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔