اداڪاري ڇڏڻ بعد روحاني سڪون مليو آهي؛ هالي ووڊ اداڪاره ڪيمون ڊياز

لاس اينجلس ؛ هالي ووڊ اداڪاره ڪيمرون ڊياز چيو آهي ته 2 سال اڳ اداڪاري ڇڏڻ جي فيصلي ڪري هن کي روحاني سڪون مليو آهي.
ميڊيا رپورٽن مطابق پنهنجي ڪو اسٽار گئیوٿ پالٽرو جي صحت بابت پوڊ ڪاسٽ تي ڳالهائيندي ڪيمرون ڊياز چيو آهي ته هن جي روح کي سڪون مليو آهي جڏهن کان هن پنهنجو خيال رکڻ شروع ڪيو آهي.
هن چيو ته شوٽنگ هڪ تمام گهڻو ٿڪائيندڙ عمل آهي جنهن دوران عوام جون نظرون به اوهان تي هونديون آهن پر هاڻي اداڪاري ڇڏڻ بعد هو روحاني سڪون ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔