والاريل ڪشمير ڪنهن جادُو ڦيڻَي يا ڊاڙُون هڻڻ سان آزاد نه ٿيندو: شهباز شريف

لاهور : اپوزيشن ليڊر ۽ نواز ليگ جي اڳواڻ ميان شهبازشريف چيو آهي ته والاريل ڪشمير ڪنهن جادُو ڦيڻَي يا ڊاڙُون هڻڻ سان آزاد نه ٿيندو، اُن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. شهباز شريف چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ سياسي طور تي مستحڪم ڪرڻو پوندو ۽ عالمي سطح تي بهتر سفارتڪارِي ڪرڻي پوندي. آزاد ڪشمير جِي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي شهبازشريف چيو ته جنهن رستي پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، اهو رستو اختيار ڪنداسين ته ڪشمير جلد پاڪستان بڻجي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔