سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽرجي شاگردن کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ خاص مارڪس شيٽ جاري ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي: سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن بابت پروموشن پاليسي ۽ سال 2020 جي خاص مارڪس شيٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

ان ڳالهه جي منظوري ڪالهه خميس جي ڏينهن حيدرآباد تعليمي بورڊ ۾ سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊ جي چيئرمين، ڪنٽرولرز ۽ آءِ ٽي مينيجر جي اجلاس ۾ ڏني وئي جنهن ۾ پروموشن پاليسي جو جائزو وٺندي ان کي اختيار ڪرڻ جو طريقو ۽ ان ۾ سامهون ايندڙ مسئلن جي حل تي غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته شاگردن  کي پهرين سال جي مطابق  ٻئين سال ۾ نمبر ڏنا وڃن ۽ ان ۾ 3 سيڪڙو مارڪس جو اضافو ڪيو ويندو ۽ مارڪس سرٽيفيڪيٽ تي پهرين سال جا نمبر ظاهر ڪيا ويندا جڏهن ته ٻئين سال جي مضمونن اڳيان ظاهر نه هوندا جيڪڏهن ڪو شاگرد ڪنهن مضمون ۾ فيل ٿيو هوندو ته ان کي پاليسي موجب پاس ڪندي ان مضمون جي اڳيان نمبر ظاهر ڪيا ويندا.

پهرين سال ۾ ناڪام  يا غير حاضر شاگرد جي لاءِ پاليسي موجب واضح ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪو شاگرد ٻن پرچن کان وڌيڪ فيل يا غيرحاضر آهي ته ان کي 33 نمبر في پرچي تي ڏئي پاس ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔