صدر عارف علوي 6 آگسٽ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد : صدر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 6 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو.

صدر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس خميس ڏينهن شام 5 وڳي طلب ڪيو آهي، جڏهن ته سينيٽ جو اجلاس 5 آگسٽ تي صبح ساڍي ڏهين وڳي سڏايو ويو آهي.

ذريعن موجب پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهم قانونن جي منظوري ورتي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔