ڊاڪٽر فيصل سلطان وزيراعظم عمران خان جو صحت بابت خاص مددگار مقرر

اسلام آباد: وچڙندڙ بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر فيصل سلطان کي وزيراعظم عمران خان جو صحت بابت خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر فيصل سلطان وزيراعظم جي وائرس بابت فوڪل پرسن طور به خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي ۽ هاڻ کيس صحت بابت خاص مددگار جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي ۽ سندس عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو.

ڊاڪٽر فيصل سلطان جي مقرري ڊاڪٽر ظفر مرزا جي استعيفيٰ سبب ڪئي وئي آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم جي خاص مددگارن ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ تانيا ايدروس پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏني هئي.

هوڏانهن صحت بابت اڳوڻي خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا کي اين سي او سي ۾ وفاقي وزير اسد عمر اعزيزي شيلڊ پيش ڪئي.

اسد عمر جو چوڻ هو ته ظفر مرزا کي اين سي او سي دعوت ڏني هئي، ڪيترن ئي مهينن کان نيشنل ڪووڊ رسپانس ۾ ڊاڪٽر ظفر مرزا جي ڪوششن جون اعتراف ڪيون ٿا.

هن چيو ته اسان سپورٽ تي ڊاڪٽر ظفر مرزا جا ٿورائتا آهيون، سندس مستقبل جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔