عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن به سنت ابراهيمي تحت جانورن جي قرباني جو سلسلو جاري

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن به مسلمان  سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي جانورن جي قرباني ڪري رهيا آهن.

ڪراچي کان وٺي خيبر تائين هر جڳهه  تي مسلمان حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ ان جي پٽ حضرت اسماعيل عليه اسلام جي سنت کي تازو ڪندي الله جي راهه ۾ جانورن جي قرباني ڪري رهيا آهن جن ماڻهن عيد جي پهرين ۽ ٻئي ڏينهن جانور ذبح ڪيا آهن اهي قرباني جي گوشت سان مزي مزي جا کاڌا تيار ڪري مهمانن جي خدمت ڪري رهيا آهن.

هوڏانهن ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئٽه، گلگت بلتستان، ۽ آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ ۾ جتي جتي قرباني ٿي رهي آهي اتي جانورن جا اوجهه کڻڻ جو ڪم به جاري آهي پر بلدياتي نمائندن طرفان  اوجهه کڻڻ جي ڪم ۾ سستي جون شڪايتون به ملي رهيون آهن.

گذريل ڏينهن لاهور ۾ برسات کان پوءِ جانورن جا اوجهه پاڻي ۾ ترندي نظر آيا هئا جنهن سبب شهر جي هيٺاهين وارن علا.ئقن ۾  ڌپ پکڙجي وئي. جڏهن ته ڪراچي ۾ به  جڳهه  جڳهه تي گندگي جا ڍير لڳل نظر اچي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔