پاڪستان ۾ ڪرونا وڌيڪ 27 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 27 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون،فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 892 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌيڪ 2 لک 76 هزار 288 ٿي ويو،جڏهن ته 2 لک 44 هزار 883 مريض ڪرونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا. سنڌ ۾ فوتين جو تعداد 2 هزار 172، پنجاب ۾ 2 هزار 133،ڪي پي هڪ هزار 186، اسلام آباد ۾ 165،بلوچستان ۾ 136، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ 50، 50 شهري جان وڃائي ويٺا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مطابق سنڌ ۾ متاثرن جو تعداد هڪ لک 19 هزار 398، پنجاب ۾ 92 هزار 452 ۽ ڪي پي ۾ 33 هزار 724 ٿي ويو. اسلام آباد ۾ متاثرن جو تعداد 14 هزار 963، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 42، بلوچستان ۾ 11 هزار 654 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 55 ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔