ڪرڪيٽر عمر اڪمل تي پابندي ۾ ڏيڍ سال جي گهٽتائي

لاهور: ايگزيڪيوٽو جج (ر) فقير محمد قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي سندس سزا ڏيڍ سال گهٽائي ڇڏي آهي.
تفصيل موجب عمر اڪمل ٽن سالن جي پابندي واري سزا خلاف اپيل داخل ڪئي هئي جنهن تي فيصلو نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ جسٽس (ر) فقير محمد کھوکھر ٻڌايو..
فيصلي تحت ، پليئر تي هاڻ هڪ ٽي نه پر ڏيڍ سال جي پابندي هوندي.
ٻئي طرف عمر اڪمل چيو آهي ته پابندي گهٽجڻ تي هو الله سائين جو شڪر گذار آهي ، هو سزا ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اپيل داخل ڪرائڻ بابت پنهنجي وڪيلن سان صلاح مشورا ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔