1935ع کانپوءِ سنڌ ۾ واضع طور تي مذهبي بنيادن تي ويڇا وڌڻ لڳا، ان جو اثر سنڌي ناول تي به پيو جو سماج ۽ زندگيءَ جو گهڻو اولڙو ناول ۾ ئي اظهاريو ويندو آهي.
هندو مسلم بنياد تي پيدا ٿيندڙ انهن ويڇن کي ختم ڪرڻ لاءِ ان وقت جي سنڌي اديبن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، ڀلين ڪنهنجو ڪهڙي به مذهب سان تعلق هيو. پر ڪي اهڙا به هئا جن باهه ۾ سڪل ڪاٺيون پئي وڌيون.
ان وقت سنڌي ٻوليءَ جي هڪ گهڻي پڙهيل، انگريزي تي مهارت رکندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين عورت ناولنگار گلي سدا رنگاڻي 1941ع ۾ هڪ ناول ”اتحاد“ لکيو جنهن ۾ هڪ هندو ڇوڪري مسلمان نوجوان سان شادي ڪري ٿي.
هن پيدا ٿيندڙ ڪرائيسز به ڄاڻايا آهن ۽ ناول جي پڄاڻي ”اتحاد“ جهڙي هاڪاري نتيجي تي ڪئي آهي. ان ناول تي مٿس وڏي ڪاوڙ ڪئي وئي ۽ ڪن ان جي ساراهه به ڪئي.
آسانند مامتورا جو سنڌي ٻوليءَ جو تيستائين مڪمل تخليقي انداز وارو ناول ”شاعر“ به ان ئي موضوع تي هيو, جڏهن ته ان موضوع تي چندر لعل جئه سنگهاڻي، پيتامبر ڪشناڻي ۽ ڪجهه ٻين ناولنگارن ناول لکي ڀائيچاري کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وري ڪو نه ڪو چوٽ رسائي رهيو هو.
گلي جا وڏا سکر ۽ خيرپور جا هئا. اهو سدارنگاڻي ڪٽنب حيدرآباد هليو ويو. تعليم سان وڏي رغبت هئن. گلي انگريزي ۾ پڙهي. هن ٽئگور جو ناول ”گورا“ ترجمو ڪيو. ”آخرين انقلاب“ ۽ ”ساڌنا جو سپنو“به هن جي ڪريڊٽ تي آهن. هن جا مضمون به لکيل توڙي ترجمو ڪيل آهن.
گلي جا ڪيل ڪجهه ترجما گلي ڪرپلاڻي جي نالي سان ڇپيا آهن. هي سنڌي ٻوليءَ جي پهرين عورت ناولنگار آھي ۽ شايد پهرين خاتون طور ناولن جي ترجمي نگار به ، ڇو ته مون کي ان کان اڳ ٻيو نالو ناهي مليو ان ڪري مان کيس سنڌي ناول جي پهرين ترجمي نگار به سمجهان ٿو. ٿي سگهي ٿو ٻيو ڪو نالو به هجي. ڪو آيو ته منهنجي معلومات ۾ واڌارو ٿيندو.
اهڙي دور ۾ سندس بهادري سان اهو ناول "اتحاد” لکڻ, جڏهن نفرتن جي ڪاروبار تي ٻنهي پاسي ماڻهو نوازجي رهيا هئا ۽ گلي ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ اهو موضوع چونڊي وڏو ڪم ڪيو هو. برنارڊ شاهه چواڻي: ”ڪڏهن ڪنهن عظيم ڪم ڪرڻ لاءِ ڪو گناه ڪرڻو پوندو آهي.“
ممتاز بخاري سنڌي ۽ اردو ٻولي جو ڪهاڻيڪار،ناول نويس، مضمون نگار ۽ ڀلوڙ صحافي ۽ اينڪر پرسن
پچھلی پوسٹ