اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۽ گلگت بلتستان ۾ بجلي جي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاور سيڪٽر ۾ جاري اصلاحات تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ گوادر پورٽ سٽي ۾ بجلي جي فراهمي ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جامع منصوبي تي فوري عملدرآمد جي منظوري ڏني وئي. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گوادر ۾ توانائي واري وزارت جي قدمن سبب بجلي جي فراهمي ۾ معطلي کي 42 سيڪڙو گهٽ ڪيو ويو آهي. آئنده 6 مهينن ۾ گوادر ۾ فراهم ڪيل بجلي جي وولٽيج کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ به جامع پلان ترتيب ڏنو ويو آهي. گوادر ۾ گهريلو، ڪاروباري صارفين کي بجلي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ موثر ۽ مفيد قدم کنيا پيا وڃن.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊگهي مدتي پروجيڪٽس ۾ آئنده 8 کان 12 مهينن ۾ وڏن سرڪاري ادارن ۾ 9.7 ميگاواٽ جي سولر ڪيپسٽس نصب لڳايو ويندو. گوادر جي ڊگهي مدتي پروجيڪٽس ۾ 40 ميگاواٽ جو منصوبو مستحڪم بجلي جي سپلائي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ لڳايو ويندو. گلگت بلتستان ۾ ڇتين ۽ يوٽيليٽي سطح تي سولر پروجيڪٽ کي 2027 تائين مڪمل ڪيو ويندو. گلگت بلتستان جي حڪومت ۽ توانائي واري وزارت جي گڏيل پروجيڪٽس سان حڪومت کي ساليانو هڪ ارب روپين جي بچت ٿيندي.
انهي موقعي تي وزيراعظم چيو ته گوادر پورٽ سٽي کي بنا ڪنهن معطلي، مناسب قيمت ۽ ڀروسي جوڳي بجلي جي فراهمي وارن منصوبن تي سمورا لاڳاپيل ادارا هم آهنگي سان ڪم ڪن. هن چيو ته 100 ميگاواٽ سولر پروجيڪٽ سان گلگت بلتستان ۾ ماحولياتي اعتبار سان صاف بجلي جي بنا رنڊڪ ۽ مستحڪم فراهمي کي يقيني بنايو ويندو. گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ جي سولر پرويجڪيٽ تي فوري عملدرآمد شروع ڪيو وڃي.
شهباز شريف چيو ته گلگت بلتستان جي عوام جي فلاح، بهبود ۽ معاشي ترقي، وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي. گلگت بلتستان ۾ صنعتي سرگرمين، سرمائيڪاري ۽ معاشي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گوادر ۾ بجلي جي بنا رنڊڪ جي فراهمي ٻين سهولتن مان گوادر جي بندر گاهه دنيا جي بهترين بندر گاهه ۽ مستقبل ۾ معاشي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويندو.
تبصرے بند ہیں۔