اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته انشاءَالله اهو وقت پري ناهي جڏهن پاڪستان قرضن کان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري معاشي طور تي خود ڪفيل ٿي ويندو.
آءِ ايم ايف طرفان حڪومتي معاشي اصلاحات ۽ قدمن جي موثر لاڳو ٿيڻ سبب جاري پروگرام جي تحت مليل امداد تي وزيراعظم حڪومتي، معاشي ٽيم جي ڪوششن جي تعريف ڪئي.
وزيراعظم چيو ته اصلاحاتي ايجنڊا جي لاڳو ٿيڻ ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي جو رستو هموار ڪرڻ ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز جي مدد جو اهم ڪردار آهي.
هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ طرفان پاڪستان ۾ معاشي اصلاحات ۽ قدمن جي موثر لاڳو ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار معاشي ٽيم خاص طور تي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ سندس ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي. آءِ ايم طرفان تازو جاري ڪيل مالي امداد انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام ۽ ترقي لاءِ ضروري قدمن تي عمل ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم چيو ته ڊيفالٽ کان ملڪ کي استحڪام ۽ ترقي جي رستي تي آڻڻ ڏکيو مرحلو هو جنهن لاءِ سڀني گڏجي قرباني ڏني. سياسي پارٽين سياست جي قرباني ڏني قوم معاشي پريشانيون برداشت ڪري ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو.
هن چيو ته الله جي فضل وڪرم سان پاڪستان جي معاشي اصلاحات ۽ ڊيجيٽائزيشن ڪامياب ڪيس اسٽڊي جي طور تي سموري دنيا ۾ مثال بڻجي ويو آهي. پاڪستان جي معاشي ترقي جو خواب انشاءَالله جلد پورو ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته استحڪام کان پوءِ ترقي جي رستي تي گامزن معيشت جي حوالي سان به وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. پاڪستاني عوام جي خوشحالي ۽ ملڪ جي ٻاهرين قرضن کان مڪمل ڇوٽڪاري تائين محنت جاري رکندس.
تبصرے بند ہیں۔