آزاد ڪشمير جي صحافين جو آءِ ايس پي آر جي آفيس جو دورو

راولپنڊي:آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صحافين جي وفد آءِ ايس پي آر جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار سان ملاقات ڪئي

پاڪ فوجي جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آزاد ڪشمير جي صحافين کي موجوده حالتن ۽ لائن آف ڪنٽرول جي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي

آءِ ايس پي آر موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صحافين کي ڀارت پاران جنگ بندي جي لاڳيتو خلاف ورزين ۽ مقامي آبادي کي نشانو بڻائڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو

صحافين 5 آگسٽ واري ڀارتي غير قانوني قدم جي سلسلي ۾ ملاقات تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جا ٿورا مڃيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔