ڪراچي: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي اڄ 10 سيپٽمبر تي ”سنڌ يونٽي ڊي“ جي موقعي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران هڙتال ڪئي وئي.
هڙتال سبب ڪيترائي وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا، جنهن ڪري مختلف ڪيسن جي ٻڌڻين تي پڻ اثر پيو. صوبي سنڌ بار ڪائونسل ۽ سنڌ جي سمورين بار ايسوسيئيشنز پاران سنڌ جي ورهاڱي خلاف احتجاج طور عدالتن جي ڪارروائين جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو هو.
سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين اشتياق احمد ميمڻ موجب قانوني برادري سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به تجويز کي قبول نه ڪندي ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف پنهنجو موقف برقرار رکندي. سنڌ بار ڪائونسل پاران 19 سيپٽمبر تي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي ميزباني هيٺ آل سنڌ لائرز ڪنوينشن منعقد ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔