ڪراچي: ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وقفي وقفي سان هڪٻئي تي حملا جاري آهن. ان دوران جمعي تي دنيا ۾ ڪجهه اڳڀرايون ٿيون آهن، جن جو اسين تفصيل پيش ڪري رهيا آهيون.
ايران تي معاشي پابندين جي يورپي يونين پاران حمايت جو اعلان
آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته يورپي يونين سرڪاري طور ايران خلاف واشنگٽن جي معاشي دٻاءَ واري مهم ۾ شامل ٿي وئي آهي. ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ بيسنٽ يورپي يونين پاران ”آپريشن اڪنامڪ آئوٽ ڪاسٽ“ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ان جي ”مضبوط ۽ شروعاتي موقف“ تي ٿورا مڃيا. هن چيو: ”آمريڪا پنهنجن اتحادي ملڪن سان گڏ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ مضبوطي سان بيٺل آهي ته قاتل ايراني حڪومت پنهنجي ايٽمي عزائم، هٿيارن جي پروگرامن ۽ دهشتگرد پراڪسي گروهن کي مالي مدد ڏيڻ لاءِ عالمي مالياتي نظام جو ناجائز فائدو نه وٺي سگهي.“ هن وڌيڪ چيو: ”دنيا ايراني حڪومت کي هڪ واضح پيغام موڪلي رهي آهي: اسان ان وقت تائين نه رڪنداسين، جيستائين ان جي باقي رهيل هر مالي سهاري واري ذريعي کي ختم نه ڪيو ويندو.“
عالمي خوراڪ جون قيمتون وڌي ويون
گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري اداري (FAO) جمعي ڏينهن چيو ته آگسٽ دوران عالمي خوراڪ جون قيمتون 2022ع جي آخر کانپوءِ پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي ويون، جنهن جو هڪ سبب ايران سان جنگ پڻ رهيو. اداري موجب يورپ ۾ انتهائي گرمي ۽ ڏڪار، سخت ايل نينو موسمي صورتحال جو خطرو ۽ يوڪرين ۽ ايران جي جنگن سبب واپار ۾ پيدا ٿيل اٿل پٿل زرعي مارڪيٽن کي غيرمستحڪم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اناج جون قيمتون ٽن سالن جي بلند ترين سطح تي ۽ کنڊ جون قيمتون هڪ سال جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون. ايف اي او فوڊ پرائس انڊيڪس، جيڪو عالمي سطح تي واپار ٿيندڙ خوراڪ جي شين جي هڪ ٽوڪري ۾ هر مهيني قيمتن جي تبديلين کي ماپي ٿو، آگسٽ ۾ سراسري طور 133.3 پوائنٽن تي رهيو، جڏهن ته جولاءِ جي نظرثاني ٿيل انگ 130.8 پوائنٽ هئا. رائٽرز موجب، هي نومبر 2022ع کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ اسڪور هو، جيتوڻيڪ مارچ 2022ع ۾ يوڪرين تي روس جي مڪمل پيماني واري حملي کانپوءِ قائم ٿيل رڪارڊ سطح کان اڃا لڳ ڀڳ 17 سيڪڙو گهٽ هو. ڪاري سمنڊ ۾ وڌندڙ حملن روس ۽ يوڪرين مان اناج جي موڪلن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايران سان جنگ اڃا تائين فصلن لاءِ ڀاڻ جي فراهمي ۽ وهڪري کي متاثر ڪري رهي آهي.
ڏکڻ ڪوريا جو هرمز لاءِ فوج موڪلڻ جو فيصلو
آسٽريليا جي نشرياتي اداري SBS موجب، ڏکڻ ڪوريا جي فوج هرمز جي سامونڊي لنگهه ڏانهن فوج موڪلڻ جي تياري ڪري رهي آهي. ڏکڻ ڪوريا جي قومي دفاع واري وزارت جي هڪ عهديدارSBS کي ٻڌايو ته مقرري ۾ پي-8 سامونڊي نگراني وارا جهاز، ڌماڪيدار مواد کي ناڪاره بڻائڻ واري ٽيم ۽ هڪ لاجسٽڪ سپورٽ جهاز شامل هوندو. عهديدار جو حوالو ڏيندي چيو ويو: ”اسان هرمز جي سامونڊي لنگهه ڏانهن بحري فوج موڪلڻ لاءِ عملي تياريون ڪري رهيا آهيون.“
ايران ۾ شادي تي مبينا آمريڪي حملن جي جاچ
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس خميس ڏينهن صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪا ايران ۾ هڪ شادي جي تقريب تي فوج جي مبينا حملن جي ”تمام مڪمل طريقي سان“ جاچ ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هن هفتي گهٽ ۾ گهٽ چار ماڻهو مارجي ويا. ايران جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي تي گهٽ ۾ گهٽ 2 درجن کن ماڻهو پڻ متاثر ٿيا، جڏهن آمريڪا ٻنهي ڌرين وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيڻ کان ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ پيدا ٿيل سڀ کان وڏي ڇڪتاڻ دوران حملن جو سلسلو شروع ڪيو. وينس وائيٽ هائوس جي بريفنگ دوران چيو: ”مون کي ايتري ڄاڻ ڏني وئي آهي جو مان اهو ڄاڻان ٿو ته اسان جاچ ڪري رهيا آهيون.“ هن وڌيڪ چيو: ”مان ايترو ضرور چوندس ته ايراني سرڪاري ميڊيا هن وقت تائين تڪرار ۾ پيش آيل واقعن بابت ڪا گهڻي قابل اعتماد رپورٽر ثابت نه ٿي آهي، تنهن ڪري مان ان دعويٰ بابت انتهائي شڪي آهيان.“
تبصرے بند ہیں۔