ڪراچي: سائنسدانن ۽ محققن اهڙا سائبورگ ڪاڪروچ تيار ڪيا آهن، جيڪي ڊهي پيل عمارتن، غارن ۽ ٻين خطرناڪ هنڌن ۾ ڦاٿل ماڻهن تائين هنگامي طبي امداد پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
انهن کي ”پيرابورگز“ (Paraborgs) چيو وڃي ٿو. انهن جي جسمن تي انتهائي ننڍا اليڪٽرانڪ اوزار لڳايا وڃن ٿا، جن جي مدد سان محقق پري کان انهن جي حرڪتن جي نگراني ڪري سگهن ٿا ۽ انهن سان اهڙي هنڌ تي به رابطو ڪري سگهن ٿا، جتي امدادي ڪارڪنن جي پهچ ممڪن نه هجي.
هن نظام ۾ ڪيمرا يا پري کان فعال ٿيندڙ انجيڪشن ڊوائيسز شامل ڪيا ويا آهن، جنهن سان اهي جيت رڳو ڳولا ڪرڻ وارا اوزار نه رهندا، پر امڪاني طور تي امدادي پليٽ فارم طور پڻ ڪم ڪري سگهندا.
هي ٽيڪنالاجي ڪوئنزلينڊ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز (UNSW) جي محققن تيار ڪئي آهي. ان ۾ اهم طبي فيصلا انسانن جي ڪنٽرول ۾ رکيا وڃن ٿا، جڏهن ته ڪاڪروچ ڏکين ۽ خطرناڪ ماحولن مان رستو ٺاهيندا اڳتي وڌن ٿا.
روبوٽس طبي امداد پهچائيندا
پيرابورگز ۾ ڪاڪروچن جي قدرتي طور تي پيچيده ۽ سامان سان ڀريل ماحول مان رستو ٺاهڻ جي صلاحيت کي هلڪي وزن واري اليڪٽرانڪس ۽ پري کان ڪنٽرول ٿيندڙ اوزارن سان گڏ ڪيو ويو آهي. هن نظام جو مقصد سائبورگ جيتن جي صلاحيتن کي رڳو ماڻهن جي ڳولا تائين محدود نه رکڻ، پر انهن کان اڳتي وڌائڻ آهي.
محققن اتر ڪوئنزلينڊ جي وڏي زمين کوٽيندڙ ڪاڪروچ (Macropanesthia rhinoceros) استعمال ڪيا. انهن ڪاڪروچن جو جسم نسبتاً وڏو هوندو آهي، تنهنڪري انهن تي خاص سامان کڻڻ جي گنجائش موجود هوندي آهي. تحقيق ڪندڙن موجب، هر ڪاڪروچ تي هلڪو وزن وارو اليڪٽرانڪ هارنس لڳائي سگهجي ٿو، جنهن تي يا ته منظرن جي نگراني لاءِ ڪيمرا يا خاص طور تي تيار ڪيل خودڪار انجيڪشن جو نظام لڳايو وڃي ٿو.
ڪيمرا لڳل ڪاڪروچ امدادي ڪارڪنن کي اهڙن هنڌن جا لائيو منظر فراهم ڪري سگهن ٿا، جتي پهچڻ ڏکيو هجي. جڏهن ته انجيڪٽر لڳل ڪاڪروچ پري کان انسان جي نگراني هيٺ هنگامي دوا پهچائڻ لاءِ تيار ڪيا ويا آهن.
هن طريقي ۾ جسماني طور تي منزل تائين پهچڻ ۽ صحيح جاءِ تي بيهڻ جو ڪم ڪاڪروچ ڪري ٿو، جڏهن ته اهم طبي فيصلا انسان ڪنٽرول ڪن ٿا.
محققن موجب، انجنيئرنگ جي سڀ کان وڏن چئلينجن مان هڪ اهو هو ته ڪاڪروچ کي انجيڪشن لڳائڻ لاءِ صحيح جاءِ تي ڪيئن آندو وڃي. جيت کي هدف ڏانهن وڃڻو پوي ٿو، ان جي بلڪل ويجهو پهچڻو پوي ٿو، پاڻ کي مستحڪم رکڻو پوي ٿو ۽ پوءِ صحيح نموني انجيڪٽر فعال ڪرڻو پوي ٿو.
تصور جي آزمائشي تجربن ۾ پيرابورگز 15 سينٽي ميٽرن جي اندر کان هدف کي انجيڪشن ڏيڻ ۾ 95 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي.
جڏهن رستو ڳولڻ ۽ انجيڪشن ڏيڻ ٻنهي کي هڪ ئي ڪم طور گڏ ڪيو ويو ته نظام 72 سيڪڙو آزمائشن ۾ ڪامياب رهيو.
اهي نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته حياتياتي حرڪت کي روبوٽڪ طبي امداد پهچائڻ واري نظام جو حصو بڻائڻ ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي، جيتوڻيڪ حقيقي هنگامي حالتن ۾ استعمال کان اڳ هن ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ ترقي ۽ ميداني تجربن جي ضرورت هوندي.
جيتن جا امدادي جٿا
هي تصور انهن صلاحيتن مان فائدو وٺي ٿو، جن کي روايتي ننڍا روبوٽ ٻيهر پيدا ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري سگهن ٿا. ڪاڪروچ قدرتي طور تي اڻبرابر، تنگ ۽ ملبي سان ڀريل هنڌن مان گذري سگهن ٿا. ان ڪري اهي اهڙين ڏارن يعني درزن ۽ جڳهن تائين پهچي سگهن ٿا، جتي ڦيٿن وارا يا وڏا روبوٽ ڦاسي سگهن ٿا.
محققن جو تصور آهي ته مستقبل ۾ هڪ ئي گهڻ-مقصد مشين بدران سائبورگ جيتن جا خاص جٿا استعمال ڪيا وڃن.
ڪجهه جيتن تي ڪيمرا ۽ ماحول جي نگراني ڪندڙ سينسر لڳايا ويندا، جيڪي بچيل ماڻهن کي ڳولڻ ۽ انهن جي چوڌاري ماحول جو جائزو وٺڻ ۾ مدد ڪندا، جڏهن ته ٻيا جيت طبي يا هنگامي سامان کڻي وڃي سگهندا.
هي ٽيڪنالاجي ڪوئنزلينڊ يونيورسٽي جي ٽيم جي سائبورگ جيتن بابت اڳوڻي تحقيق تي پڻ ٻڌل آهي. محقق ان کان اڳ سائبورگ ڀنگن جي مدد سان ڪنٽرول ٿيل چڙهائي جو مظاهرو ڪري چڪا آهن، جڏهن ته وڏو زمين کوٽيندڙ ڪاڪروچ امدادي مقصدن لاءِ وڌيڪ سامان کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
انهن جيتن کي اليڪٽروڊ، مائڪروچپس ۽ هارنس لڳائڻ وقت بيهوش ڪيو ويندو آهي. محققن موجب، هارنس هٽائڻ کان پوءِ اهي عام ڪاڪروچن وانگر ڊگهي عرصي تائين زنده رهي سگهن ٿا.
هن ٽيڪنالاجي جو ڊگهي مدي وارو مقصد انساني امدادي ڪارڪنن کي ختم ڪرڻ نه، پر اهڙين حالتن ۾ کين هڪ ٻيو پري کان ڪنٽرول ٿيندڙ اوزار فراهم ڪرڻ آهي، جتي سڌي طرح پهچڻ ممڪن نه هجي.
محققن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ تحقيق ۽ ميداني آزمائشن سان ترقي جي رفتار تيز ٿي ته ايندڙ پنجن کان ڏهن سالن اندر سائبورگ جيتن جون خاص ٽيمون شهري علائقن ۾ ڳولا ۽ بچاءَ، غارن ۾ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن دوران امدادي ڪارروائين لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿيون.
تبصرے بند ہیں۔