لنڊن: پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما خان برطانوي حڪومت کان عمران خان جي قيد ۽ مبينه انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي آواز اٿارڻ ۽ خاموشي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عمران خان 3 سالن کان سياسي انتقام جو نشانو بنجي رهيو آهي، ڊگهي وقت کان اڪيلو قيد ڪاٽي رهيو آهي.
هن برطانوي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو پي ٽي آءِ باني جي قيد ۽ مبينه انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي آواز اٿاري ۽ خاموشي کي ختم ڪيو وڃي.
جمائما خان لکيو ته انهي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي به عمل نه ٿي رهيو آهي. جمائما برطانوي حڪومت تي زور ڏنو ته هو عمران خان جي بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ هاڻ کلي طريقي سان واضح طور تي آواز اٿاري.
تبصرے بند ہیں۔