اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي جي باني چيئرمين عمران خان جي اسپتال منتقلي تي حڪومت خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي،پي ٽي آءِ پاران سلمان اڪرم راجا ۽ عزير ڀنڊاري پاران داخل ڪيل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي 18 آگسٽ 2026 جي حڪم جي مبينا خلاف ورزي تي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ توهين عدالت جي مرتڪن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي آهي. عدالت کان درخواست ڪئي وئي آهي ته جوابدارن کي عدالت جي توهين جو مجرم قرار ڏنو وڃي ۽ قانون موجب سزا ڏني وڃي.پاڪستان تحريڪ انصاف پڻ درخواست ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي فوري طور تي شفا انٽرنيشنل اسپتال، اسلام آباد منتقل ڪيو وڃي ۽ انهن جو طبي معائنو ڪرايو وڃي.عدالت کان اهو به درخواست ڪئي وئي آهي ته حڪم تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ عدالتي آفيسر يا مقامي ڪميشن مقرر ڪئي وڃي.
تبصرے بند ہیں۔