اسلام آباد:وفاقي حڪومت راولپنڊي ۾ ”حساس سيڪيورٽي ڊيوٽين“ لاءِ پاڪ فوج جون ٽي ڪمپنيون ڇهن مهينن لاءِ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اها ڳالهه ڇنڇر ڏينهن سامهون آئي.
گهرو وزارت جو اهو حڪم، 21 آگسٽ جي تاريخ تي جاري ڪيو ويو آهي.

حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ”پنجاب گهرو کاتي پاران ڪيل درخواست جي نتيجي ۾ وفاقي حڪومت، آئين جي آرٽيڪل 245 تحت حاصل اختيارن کي استعمال ڪندي، راولپنڊي ۾ حساس سيڪيورٽي ڊيوٽين لاءِ پاڪ فوج جون ٽي ڪمپنيون مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ٿي. جيئن ڪنهن به ناپسنديده صورتحال کان بچي سگهجي ۽ ضلعي انتظاميا جي ضرورت موجب ڪنهن به اوچتي صورتحال کي مؤثر نموني منهن ڏئي سگهجي. اها مقرري فوري طور تي لاڳو ٿيندي ۽ ان جو مدو ڇهه مهينا هوندو.“
پنجاب حڪومت جي خط يا وفاقي حڪومت جي جاري ڪيل حڪم ۾ ڪنهن مخصوص خطري جو ذڪر ناهي ڪيو ويو ته آخر کين اها ضرورت ڇو پيش آئي؟
ياد رهي ته 25 سيپٽمبر تي ڪسان اتحاد راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. ڇنڇر تي پريس ڪانفرن دوران ڪسان اتحاد جي چيئرمين خالد ٻاٺ چيو ته پنجاب حڪمت جي زراعت دشمن پاليسين سبب ڪسان يڳني هاري عذاب آهن ۽ ڪيترن سالن کان کين فصلن جا اگهه نٿا ملن. هنن مريم نواز جي استعيفيٰ جو مطالبو به ڪيو آهي.
27 سيپٽمبر تي پي ٽي آءِ ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ به ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته اڳ ۾ جڏهن علي امين گنڊاپور جي دور ۾ پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو هو ته ان وقت به ڪسان اتحاد احتجاج جو سڏ ڏنو هو، فيصل مسجد ويندڙ روڊ تي بليو ايريا وٽ ڌرڻو هنيو هو.
تبصرے بند ہیں۔