ممبئي : بالي ووڊ جو معروف اداڪاره ڪارتڪ آريان هڪ ايڪشن سين جي شوٽنگ دوران سخت زخمي ٿي پيو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اداڪار جي صحت بابت وڌيڪ تفصيل سامهون ناهن اچي سگهيا، ڇاڪاڻ ته سندس ٽيم پاران ان بابت ڪو به سرڪاري بيان جاري ناهي ڪيو ويو.رپورٽن موجب ڪارتڪ آريان هن وقت فورٽس راهيجا اسپتال ۾ داخل آهي، جتي سندس گوڏي جي سرجري ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن سبب سندس مصروف شيڊول ۾ ڪجهه وقت لاءِ وقفو اچڻ جو امڪان آهي.واضح رهي ته ڪارتڪ آريان ڪبير خان سان پنهنجي نئين پروجيڪٽ لاءِ بطور پروڊيوسر ڪم شروع ڪيو آهي، جيڪو ٻنهي جو گڏجي ٻيو پروجيڪٽ آهي. ان کان علاوه مداح کيس مرگهديپ سنگهه لمبا جي هدايتڪاريءَ ۾ ٺهندڙ فلم ”ناگزِيلا“ ۾ ڏسي سگهندا.
تبصرے بند ہیں۔