اسلام آباد: پرڏيهي وزات ڀاتي گهرو وزير طرفان ڀارت ۾ ٿيل ڪجهه گرفتارين سان پاڪستان کي جوڙڻ وارن الزامن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي گهرو جي جا الزام بي بنياد آهن، اهڙي پروپيگنڊا مهم پاڪستان جي خلاف ڀارت جي بدنيتي تي ٻڌل مهم جو هڪ ٻيو مظهر آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجي داخلي، سيڪيورٽي جي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ ۽ محدود سياسي مفادن جي لاءِ پاڪستان مٿان الزام لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت اندرون ملڪ هڪ جابرانه رياست آهي، جيڪو اقليتن کي سختي سان دٻائي ٿو ۽ اختلاف راءِ کي خاموش ڪرائيندو آهي، پرڏيهي ملڪن ۾ دهشتگردي ڪرائڻ کان علاوه دهشتگردي جي مدد ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارتي بي بنياد الزام رياستي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ ڏوهاري سرگرمين تان ڌيان نٿو هٽائي سگهي. پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ڀارت جي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ عدم استحڪام جي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جون شاهديون عالمي برادري سان شيئر ڪري چڪو آهي.
پرڏيهي وزارت چيو ته ڀارتي بحريه جي ڪمانڊر ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي، تخريبي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جي ڏوهه ۾ سزا يافته ڪلبهوشن ياديو ڀارت جي سڌو سنئون ملوث هجڻ جو نه مٽائڻ جوڳو ثبوت آهي. پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت جي بي بنياد الزامن کي رد ڪري ۽ خطي ۾ ڀارت جي رياستي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي جو احتساب ڪري.
تبصرے بند ہیں۔