ڍاڪا: فلم انڊسٽري تي حڪمراني ڪندڙ سدا بهار اداڪاره شبنم چيو آهي ته مون کي پاڪستان مان تامام گهڻو پيار مليو.
پاڪستان جي فلم انڊسٽري تي ڏهاڪن کان حڪمراني ڪندڙ اداڪاره شبنم گذريل ڏينهن پنهنجي 80هين سالگره ملهائي جنهن ۾ کيس سالگره جي مبارڪباد جا پيغام سموري دنيا مان مليا.
انهي موقعي تي ڍاڪا مان ڳالهيون ڪندي شبنم نجي چينل کي ٻڌايو ته مون کي پاڪستان مان تمام گهڻو پيار مليو، هن چيو ته انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو پيار ملي ها جو مداحن پنهنجي ٻارڙين جا نالا منهنجي نالي سان رکيا.
شبنم چيو ته مون پنهنجي دور جي سمورن مشهور اداڪارن سان بطور اداڪاره طور ڪم ڪيو، سڀني کان وڌيڪ نديم سان فلمن ۾ ڪم ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ ليجنڊري اداڪاره شبنم ٻڌايو ته مون کي پاڪستان تمام گهڻو ياد اچي رهيو آهي، منهنجو دل چاهي ٿو ته مان هوا ۾ اڏامندي پاڪستان پهچي وڃان.
ياد رهي ته فلم اسٽار شبنم جي 160 فلمن ۾ 142 اردو، 14 بنگالي ۽ 4 پنجابي فلمون شامل آهن. انهي جي سڀني کان وڌيڪ جوڙي نديم سان سپر هٽ ٿي جيڪا مداحن جي دل ۾ اڄ به زنده آهي.
تبصرے بند ہیں۔