ڪراچي پوليس جون هڪ هفتي اندر 944 گرفتاريون

ڪراچي : ڪراچي پوليس گذريل هڪ هفتي دوران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائين جو بليٽن جاري ڪندي 944 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ترجمان موجب هڪ هفتي اندر پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ 26 پڙاڏا ۽ مقابلا ٿيا، جنهن ۾ 5 ڌاڙيل مارجي ويا، 30 زخمي ٿيا ۽ 42 کي موقعي تان حراست ۾ ورتو ويو. جوابدارن وٽان 7 ڪلو کان وڌيڪ چرس، آئس، هيروئن، 178 اڻرجسٽرڊ هٿيار، 16 موٽرسائيڪلون ۽ 4 گاڏيون هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

تبصرے بند ہیں۔