لنڊن : انگلينڊ ۾ موجود پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ۽ آفيشلز پاران پڻ پاڪستان جو جشنِ آزاديءَ شاندار طريقي سان ملهايو ويو، جنهن دوران ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.ٽيم مئنيجر نويد اڪرم چيما، ڪپتان بابر اعظم ۽ ٻين ملي ڪري آزاديءَ جو جشن ملهايو، جڏهن ته ڪپتان ۽ رانديگرن آزاديءَ جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجا خاص پيغام پڻ رڪارڊ ڪرايا. پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن ان موقعي تي پنهنجن پيغامن ۾ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻو آهي.
تبصرے بند ہیں۔