لاهور: پاڪستاني اداڪاره نمره خان جي ٻئي شادي ۾ اختلافن جون خبرون سامهون اچڻ کان پوءِ انهي طرفان سوشل ميڊيا تي مختلف پيغام شيئر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
هاڻ اداڪاره هڪ ٻئي سوشل ميڊيا پوسٽ انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪئي جنهن ۾ هن مالي طور تي ڪمزور ڇوڪرن کي فقيرن سان ڀيٽ ڏني ۽ والدين کي اهڙن ڇوڪرن سان پنهنجي ڇوڪرين جي شادي نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
اداڪاره اڄڪلهه تڪليفن ۽ اذيت سان ڀرپور رويو رکندڙ مردن جي خلاف پيغام شيئر ڪري رهي آهي. هو انهي ڳالهه تي به زور ڏئي رهي آهي ته هڪ عورت جي لاءِ ڪنهن غلط شخص سان شادي ڪرڻ کان بهتر آهي ته هو اڪيلي ۽ خودمختار زندگي گذاري.
هن ڇوڪرين جي والدين کي مشورو ڏنو آهي ته پنهنجي ڌيئرن جي شادي ڪرڻ کان اڳ اهم ڳالهين کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. جڏهن ته نمره خان سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ پيغام ري شيئر ڪيو جنهن ۾ هو ڌيئرن جي والدين کي مشورو ڏئي رهي هئي ته پنهنجي ڌيئرن جي شادي فقيرن سان نه ڪريو، يعني اهڙن مردن سان نه ڪريو جيڪي مالي طور تي ٻين جا محتاج هجن.
اداڪاره به انهي مشوري جي حمايت ڪندي چيو ته رشتو طئي ڪرڻ کان اڳ ڇوڪري جي مالي حيثيت ڏسڻ تمام گهڻو ضروري آهي. واضح رهي ته نمره خان ۽ انهي جي مڙس طرفان في الحال ڌار ٿيڻ بابت واضح اعلان ناهي ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔