بئنڪاڪ:ٿائيلينڊ ۾ جمعي ڏينهن هڪ نوجوان هٿياربند پنهنجي هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ استادن ۽ شاگردن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. پوليس موجب، تازن سالن دوران ملڪ ۾ اسڪول اندر ٿيندڙ هي سڀ کان خونريزن واقعن مان هڪ آهي.
پوليس موجب، 14 ورهين جو جوابدار مبينا طور پنهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ کي سندن گهر ۾ قتل ڪرڻ کان پوءِ اسڪول پهتو ۽ اتي انداڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني.
پوليس جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل ٽرائيرونگ فيوپان موجب، اسڪول ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ ٽي شاگرد ۽ ٽي استاد شامل آهن. جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، جن مان نَو ڄڻن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. اختيارين موجب، سڀ کان ننڍو فوت ٿيل ٻار رڳو 12 ورهين جو هو.
سي اين اين پاران تصديق ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڏٺو ويو ته خوفزده شاگرد ميزن هيٺ لڪي ويٺا هئا ۽ ويجهو ٿيندڙ فائرنگ جي آواز سبب روئي رهيا هئا. هڪ ٻي وڊيو ۾ اسڪول جو عملي شاگردن کي محفوظ هنڌ ڏانهن ڪڍندي نظر آيو، جڏهن ته شاگرد اسڪول مان ڊوڙي ٻاهر نڪري رهيا هئا.
رائٽرز سان ڳالهائيندي هڪ امدادي ڪارڪن، جنهن پنهنجو نالو ظاهر نه ڪيو، چيو ته جڏهن هو واقعي واري هنڌ پهتا ته “هر طرف افراتفري هئي.” هن ٻڌايو ته ڪيترن ئي شاگردن جي پٺ، سيني ۽ ٻانهن ۾ گوليون لڳل هيون، جن کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي وئي.
پوليس موجب، جوابدار پنهنجي ڏاڏي جي پستول سان ڊيبسيرن نونٿابوري اسڪول ۾ فائرنگ ڪئي. هي لڳ ڀڳ 3,000 شاگردن وارو مشهور سيڪنڊري اسڪول آهي، جيڪو بينڪاڪ جي اتر ۾ نونٿابوري صوبي جي بانگ ڪرُوائي ضلعي ۾ هڪ مصروف شاهراهه تي واقع آهي.
شروعاتي اطلاعن ۾ چيو ويو هو ته جوابدار پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو آهي، پر بعد ۾ پوليس جي ترجمان واضح ڪيو ته هو اڃا جيئرو آهي، انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهي ۽ ڊاڪٽر کيس هنگامي علاج فراهم ڪري رهيا آهن.
صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب، فوت ٿيلن ۽ زخمين مان گهڻا 12 کان 17 ورهين جي عمر وارا نوجوان آهن.
ٿائيلينڊ جي وزيراعظم انُتين چارن ويراڪُل جمعي ڏينهن افسوس جو اظهار ڪندي چيو، “هي انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، اهڙو هرگز نه ٿيڻ گهرجي ها.”
18 ورهين جي هڪ شاگرد رائٽرز کي ٻڌايو ته شروعات ۾ کيس لڳو ته شايد پٽاخا هلي رهيا آهن. هن چيو، “پوءِ آواز لڳاتار اچڻ لڳا، جيئن ‘ڌم، ڌم، ڌم’، پوءِ ڪجهه دير لاءِ خاموشي ٿي وئي، ۽ ان کان پوءِ ٻيهر فائرنگ شروع ٿي وئي.”
تبصرے بند ہیں۔