واشنگٽن: آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل هفتي ڪيمپ ڊيوڊ ۾ ٿيل ڪابينه اجلاس جي دوران دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ سان آمريڪي فوج جي هٿيارن ۽ ميزائلن جي ذخيرن ۾ کوٽ تي سخت سوال ڪيا.
رپورٽ موجب صدر ٽرمپ انهي ڳالهه تي حيران هو ته اهم هٿيارن، خاص طور تي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ گائيڊڊ ميزائلن ۽ فضائي دفاعي نظام جي لاءِ استعمال ٿيل انٽرسيپٽر ميزائلن جي کوٽ هن وقت به برقرار آهي. حالانڪه کيس اڳ ٻڌايو ويو هو ته اهو مسئلو هاڻ حل ٿي چڪو آهي.
واشنگٽن پوسٽ ٻن باخبر ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ٽرمپ اجلاس ۾ انهي معاملي تي وضاحت طلب ڪئي ۽ اهو ڄاڻڻ چاهيو ته هٿيارن جي کوٽ آخر ڇو ناهي ختم ٿي سگهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي صورتحال هلندڙ ڏينهن ۾ ايران جي خلاف وڌيڪ وڏا فوجي حملا نه ڪرڻ جي فيصلي تي به اثر وڌو، ڇو ته محدود هٿيارن جا ذخيرا آمريڪي فوجي آپشنز کي متاثر ڪري رهيا هئا. ذريعن موجب آمريڪي فوج کي خاص طور تي جديد گائيڊڊ ميزائلن ۽ فضائي دفاعي نظام جي لاءِ گهربل اهم هٿيارن جي دستيابي جي حوالي سان پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
هاڻ انهي رپورٽ کان پوءِ وائٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ اڳ ئي اهڙين دعوائن جي ترديد ڪري چڪو آهي ته صدر ٽرمپ ۽ دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ جي وچ ۾ ايران بابت پاليسي تي ڪنهن قسم جو اختلاف يا سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته صدر ٽرمپ دفاع واري وزير جي ڪارڪردگي کان مطمئن آهي ۽ اهڙيون رپورٽون ڪوڙيون آهن.
اها رپورٽ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ايران سان ڇڪتاڻ، آمريڪي فوجي تيارين ۽ هٿيارن جي ذخيرن بابت مختلف دعوائون آمريڪي ميڊيا ۽ حڪومتي حلقن ۾ بحث هيٺ آهن.
تبصرے بند ہیں۔