تهران : ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسين پنهنجن حدن جو ڀرپور دفاع ڪنداسين، پر اسان جو مقصد ڪنهن به صورت ۾ جنگ کي وسعت ڏيڻ ناهي.مسعود پزشڪيان چيو ته اسان کي موجوده حالتن ۾ هڪ اهڙو معاشرو تعمير ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گھرجي جنهن تي دشمن نظر نه وجهي سگهي.هن ملڪي سلامتي ۽ سماجي اتحاد تي زور ڏيندي چيو ته اسان کي اندروني طور تي ايترو مضبوط ٿيڻ گهرجي جو دشمن اسان جي معاشري ۾ مداخلت نه ڪري سگهي ۽ ان سماجي ڍانچي کي تقسيم ڪري تباهه ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نہ ٿئي.
آمريڪا-ايران تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جون سفارتي ڪوششون جاري آهن: قطر
قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي حل ڳولڻ جون ڪوششون جاري آهن.ماجد الانصاري ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته مذاڪراتي عمل ٻيهر شروع ڪيو وڃي ۽ ٻئي ڌريون بات چيت جي ميز تي واپس اچن.هن ٻڌايو ته قطر، پاڪستان ۽ عمان سميت ٽئين ڌر وارو (ثالثي) ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مذاڪرات کي اڳتي وڌائڻ، رابطن کي برقرار رکڻ ۽ مسودي جي مٽاسٽا ۾ ويجهو تعاون ڪري رهيا آهن تاڪه تڪرار جو پرامن ۽ سفارتي حل ڳولي سگهجي.
يمني حوثين جو سعودي عرب جي نجران ايئرپورٽ تي ڊرون حملي جو دعويٰ
يمن جي حوثي گروهه سعودي عرب جي نجران ايئرپورٽ تي ڊرون حملي جو دعويٰ ڪيو آهي.حوثين پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن ڊرون جي مدد سان نجران ايئرپورٽ تي هڪ حساس سعودي حدف کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻايو آهي.بيان ۾ چيو ويو ته اها ڪارروائي سعودي عرب پاران يمن ۾ ڊرون طيارن ذريعي ڪئي ويندڙ فضائي حدود جي خلاف ورزيءَ جي جواب ۾ ڪئي وئي آهي.
آبناءِ هرمز ويجهو مال بردار جهاز تي حملي کانپوءِ عملي جهاز ڇڏي ڏنو، هڪ ميمبر گم
غير ملڪي خبررسان ايجنسيءَ موجب عمان جي ساحل ويجهو آبناءِ هرمز تان گذرندڙ لائبيريا جو پرچم بردار مال بردار جهاز ‘منوئان پائنيئر’ نامعلوم پروجيڪٽائل جي حملي جو نشانو بنجي ويو. ميري ٽائيم سيڪيورٽي ذريعن موجب حملي کانپوءِ عملي جهاز کي ڇڏي ڏنو آهي جڏهن ته عملي جو هڪ ميمبر گم آهي.برطانوي ميري ٽائيم رسڪ مئنيجمينٽ گروپ ‘وين گارڊ’ پنهنجي هڪ الڳ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته پروجيڪٽائل مبينا طور جهاز جي انجڻ روم سان ٽڪرايو جنهن سبب عملي جي رهائش واري حصي ۾ باهه ٻري پئي. گروپ موجب جهاز جو عملو باهه تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان کي فوري مدد جي ضرورت آهي جڏهن ته جهاز جو ٿرڊ انجنيئر گم آهي.
عمان ويجهو هڪ مال بردار جهاز تي پروجيڪٽائل سان حملو
عمان ويجهو هڪ مال بردار جهاز کي پروجيڪٽائل سان نشانو بڻائڻ جي اطلاع ملي آهي.برطانوي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز ايجنسيءَ موجب، عمان جي شهر خصب کان تقريبن 37 ڪلوميٽر اتر-اوڀر ۾ هڪ ڪارگو جهاز نامعلوم نوعيت جي پروجيڪٽائل جي ۾ اچي ويو.لاڳاپيل اختيارين واقعي جي تحقيقات ڪري رهيا آهن.ايجنسيءَ علائقي ۾ موجود سڀني جهازن کي احتياط سان سفر ڪرڻ ۽ ڪنهن به مشڪوڪ سرگرميءَ جي فوري اطلاع ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔