ممبئي: ڀارت جي مشهور اداڪاره ۽ ڊيجيٽل انفلوئنسر راکي ساونت پاڪستاني مداحن جو ذڪر ڪندي جذباتي ٿي وئي.
تازو ئي راکي سانونت برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن پاڪستاني مداحن سان پنهنجي تعلق ۽ انهن طرفان ملندڙ محبت جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول نه رکي سگهي.
پاڪستاني مداحن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي راکهي ساونت چيو ته پاڪستاني مون کي تمام گهڻي محبت ڏيندا آهن جڏهن به مون سان ڪوبه مسئلو پيش ايندو آهي ته پاڪستاني سڀني کان پهريان منهنجي مدد جي لاءِ پهچندا آهن.
هن ٻڌايو ته دبئي ۾ رهائش باوجود جڏهن به بيمار ٿيندي آهيان بخار ٿيندو آهي ته ڀارت کان ڪوبه مدد جي لاءِ ناهي ايندو پر پاڪستاني مداح مون کي اسپتال وٺي وڃڻ ۽ سار سنڀال جي لاءِ پهچي ويندا آهن.
راکي جو چوڻ هو ته جن ماڻهن جا والدين ناهن هوندا اهي ٻين جي مدد ۽ محبت جي سهاري زندگي گذاريندا آهن، پاڪستاني مداح به مشڪل وقت ۾ منهنجو خيال رکندا آهن. مون کي خبر آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ٻئي کي دشمن سمجهندا آهن پر جيڪا حقيقت آهي اها حقيقت آهي، پاڪستاني مون کي تمام گهڻي محبت ڏيندا آهن.
تبصرے بند ہیں۔