ميانوالي: راند کيڏندي ڪار ۾ بند ٿيڻ سبب 4 ٻار ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

ميانوالي:  ميانوالي جي علائقي کهگلانواله ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي راند کيڏندي ڪار ۾ بند ٿيڻ سبب 4 ٻارڙا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا.

پوليس موجب واقعو گذريل شام جو پيش آيو جڏهن 3 ٻارڙيون ۽ هڪ ٻار راند کيڏندي هڪ بيٺل گاڏي ۾ داخل ٿي ويا، انهي دوران گاڏي جو دروازو لاڪ ٿي ويو جنهن سبب ٻارڙا ٻاهر نه نڪري سگهيا جنهن سبب اهي چار ئي ٻار ساهه ٻوساٽجڻ سبب گاڏي جي اندر ئي فوت ٿي ويا.

پوليس موجب واقعي کان پوءِ فوري طور تي  واقعي واري هنڌ پهچي فوت ٿي ويل ٻارن کي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن  ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جو سلسلو جاري آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔