اسلام آباد: پاڪستان کي قطر کان ايل اين جي جو نئون ڪارگو ملي ويو جنهن سان توانائي تحفظ کي هٿي ملڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان جي توانائي سلامتي جي لا هڪ وڏي رليف جي طور تي قطر انرجي کان هڪ ٻيو ڊگهي مدي وارو ايل اين جي ڪارگو حاصل ڪري ورتو آهي جهاز آبنائي هرمز کي ڪاميابي سان ڪراس ڪندي 31 جولاءِ تي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي جيڪو خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران بنا رنڊڪ گيس جي فراهمي کي يقيني بنائي رهيو آهي.
قطر انرجي سان حڪومت(جي ٽو جي) ڊگهي مدتي معاهدي جي تحت فراهم ڪيل انهي ڪارگو جي قيمت برينٽ ڪروڊ جي 13.37 سيڪڙو طئي ڪئي وئي آهي جيڪو اسپاٽ مارڪيٽ جي ڪارگو جي مقابلي ۾ نمايان طور تي سستو آهي.
اسپاٽ مارڪيٽ ۾ ايل اين جي جون قيمتون 22 ڊالر في ايم ايم بي ٽيو يو کان ٽپي چڪيون آهن. ۽ جيڪڏهن پاڪستان تازيون اسپاٽ ٻوليون طلب ڪري ٿو ته اندازو آهي ته اهي قيمتون 23.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو کان به وڌي وڃن.
سينئر اختيارين موجب وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ ۽ نيشنل ڪرائسر مينجيمنٽ سيل جي اختيارين عرب خطي ۾ وڌندڙ جغرافيائي سياسي ڇڪتاڻ جي باوجود پهريان کان لوڊ ڪيل ايل اين جي ڪارگو کي آبنائي هرمز مان حفاظت سان گذارڻ جي لاءِ ڪوششن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔