راجا پرويز اشرف جا آزاد ڪشمير چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جا سنگين الزام، حقيقتون سامهون آڻي ڇڏيون

اسلام آباد:  پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف آزاد ڪشمير جي ميرپور ڊويزن ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جا سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته مون وٽ چونڊ بي ضابطگين جون شاهديون موجود آهن پر اليڪشن ڪميشن 48 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته 27 جولاءِ تي ڪوٽلي ۾ هن ميرپور  چونڊن جون حقيقتون عوام جي سامهون رکيون هيون پر مسلم ليگ(ن) منهنجي پريس ڪانفرنس جو مذاق اڏايو جڏهن  ته اسان الزامن جي بجاءِ حقيقتون پيش ڪري رهيا آهيون.

هن دعويٰ ڪئي ته چونڊن ۾ اسان جي اميدوارن سان زيادتي ٿي، ووٽ ساڙڻ سميت ڪيتريون ئي بي ضابطگين جون وڊيوز موجود آهن هن چيو ته پريس ڪانفرنس جي دوران اهي وڊيوز پروجيڪٽر تي هلايون پئي ويون پر فني خرابي سبب سسٽم بند ٿي ويو جنهن کان پوءِ هن وڊيوز کان سواءِ ئي ڳالهيون جاري رکيون.

راجا پرويز اشرف چيو ته پيپلز پارٽي جي اميدوارن چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواستون ڏئي تڪراري تڪن جا نتيجا روڪڻ ۽ شاهديون جو جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو  پر اڃان تائين ڪابه ڪارروائي ناهي ٿي، ميرپور  ڊويزن جي چونڊن ۾ وڏي پيماني تي  ڌانڌلي ٿي آهي.

هن چيو ته تڪ ايل اي 12 ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو تعداد 785 هو، جتي مخالف اميدوارن کي 639 ووٽ جڏهن ته پيپلز پارٽي جي اميدوار چوڌري ياسين جي لاءِ صرف 12 ووٽ داخل ڪيا ويا جڏهن ته رڪارڊ ۾ سمورا ووٽ ڪاسٽ ظاهر ڪيا ويا.

راجا پرويز اشرف چيو ته ڪيترائي ووٽرز پرڏيهي ملڪن ۾ هئا، انهي جي باوجود 100 سيڪڙو پولنگ ڏيکاري وئي اهڙي طرح ايل اي 15 ۾ به  سمورا ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر هڪ به ووٽ رد ناهي ٿيو، جيڪو سواليه نشان آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته پيش ڪيل شاهدين جو فوري طور تي جائزو ورتو وڃي، جڏهن ته چيف جسٽس آزاد ڪشمير کان اپيل ڪئي ته اهو مبينه چونڊ بي ضابطگين جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي. هن چيو ته تڪراري تڪن ۾ نتيجن تي نظر ثاني ڪئي وڃي ته جيئن عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي.

راجا پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جا وڌيڪ 2 مرحلا پهرين ۽ 10 آگسٽ تي ٿيڻا آهن انهي لاءِ چونڊ عمل جي شفافيت کي يقيني بنايو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي تڪرار کان بچي سگهجي.

 

تبصرے بند ہیں۔