سعودي ۽ آمريڪا جا عراقي مليشيا جي اڏن تي حملا 20 جنگجو مارجي ويا

ڪراچي: رائٽرز موجب عراقي پاپولر موبلائيزيشن فورسز چيو آهي ته آمريڪا ۽ سعودي عرب جي گڏيل حملن ۾، عراق ۾ سندن ڪيترن ئي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 اهلڪار مارجي ويا ۽ 32 زخمي ٿيا آهن. اهي حملا عراق ۾ موجود ايران نواز شيعه گروپ پاران سعودي عرب ۾ تيل جي ڪارخانن تي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي الجزيره موجب عراق جي وزيراعظم علي فالح الزيدي ملڪ ۾ سحري وقت ٿيل هوائي حملن ۽ تازي سيڪيورٽي صورتحال کانپوءِ قومي سلامتي بابت وزارتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي.
چين، ايران کي 400 ڪلهي تان هلائڻ وارا ميزائيل ڏئي پيو
رائٽرز موجب، ايران ايندڙ ڪجهه هفتن دوران چين کان 400 تائين ڪلهي تي کڻي هلائي سگهجندڙ فضائي دفاعي نظامن (MANPADS) جي پهرين کيپ حاصل ڪرڻ وارو آهي. 60 کان 70 ملين ڊالرن جي هن خريداري کي تهران پاران پنهنجي مختصر فاصلي واري فضائي دفاعي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ جي اهم ڪوششن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي، خاص طور تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ کانپوءِ، جنهن ايران جي اهم تنصيبات ۽ فوجي اڏن جي حفاظت ۾ موجود ڪمزورين کي ظاهر ڪيو. رائٽرز موجب، معاهدي تحت 300 کان 400 چيني QW-12 ۽ FN-16 ميزائلن تي ٻڌل انسان جي هٿ سان هلندڙ فضائي دفاعي نظام خريد ڪيا ويندا.
اردن 5 ايراني ميزائيل فضا ۾ تباهه ڪري ڇڏيا
اردن جي هٿياربند فوج چيو آهي ته سندس فضائي دفاعي نظامن “ايران کان ايندڙ پنج ميزائلن کي، جيڪي اردن جي علائقي کي نشانو بڻائي رهيا هئا، روڪي تباهه ڪري ڇڏيو”، الجزيره رپورٽ ڪيو آهي. فوج موجب سڀئي ميزائل ڪاميابي سان ڪيرايا ويا.
ايران پاران هرمز جي گڏيل انتظام بابت عمان جي تجويز رد
رائٽرز موجب، هڪ سينيئر ايراني عملدار چيو آهي ته تهران، آبنائي هرمز جي گڏيل علائقائي انتظام بابت عمان جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته ان جي ڪاميابي جو ڪو به امڪان ناهي. عملدار وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ سعودي عرب عمان تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته جيئن هو آبنائي هرمز بابت سندن “غيرحقيقت پسندانه منصوبن” کي اڳتي وڌائي.

 ڪايا ڪالس جي عباس عراقچي سان فون تي ڳالهه ٻولهه

يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي بابت سربراهه ڪايا ڪالس چيو آهي ته هن ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان نار واري علائقي جي صورتحال ۽ يوڪرين خلاف روس جي جنگ بابت ڳالهايو، جنهن کي ماسڪو تازن ڏينهن ۾ وڌيڪ تيز ڪيو آهي. هن سوشل ميڊيا پليٽفارم X تي لکيو: “نار واري علائقي ۾ ويڙهه جي عارضي وقفي سان ثالثن کي سفارتڪاري ڏانهن واپسي لاءِ وقت ملي سگهي ٿو ۽ مڪمل جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ کان بچائي سگهجي ٿو.” هن وڌيڪ چيو: “مون واضح ڪيو ته تهران ۾ فرانسيسي سفارتڪارن خلاف جارحيت ناقابل قبول آهي. يورپي يونين جي سڀني ميمبر ملڪن انهن قدمن جي مذمت ڪئي آهي.” ڪالس اهو به چيو ته اها حوصلا افزا ڳالهه آهي ته يوڪرين جي پرڏيهي وزير پڻ عباس عراقچي سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن ڇڪتاڻ گهٽائي سگهجي. هن چيو: “مون ايران کي روس جي فوجي مدد ختم ڪرڻ جي پنهنجي اپيل ٻيهر ورجائي. ماسڪو يوڪرين ۾ وڌندڙ تعداد ۾ شهري ماريندو پيو وڃي، ۽ ايران کان ملندڙ هر قسم جي مدد وڌيڪ شهري جاني نقصان جو سبب بڻجي رهي آهي. يوڪرين کي پنهنجي بچاءَ جو مڪمل حق حاصل آهي.”

تبصرے بند ہیں۔