ڪوئٽه: بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب 31 جولاءِ تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.
بلوچستان حڪومت جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪرفيو اڱاري جي رات 8 وڳي لاڳو ڪيو ويو جيڪو 31 جولاءِ جي رات 8 وڳي تائين جاري رهندو. ڪرفيو جي دوران هر قسم جي عوامي چرپر، اجتماع، جلوس ۽ غير ضروري سفر تي مڪمل طور تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪوبه شخص لاڳاپيل اٿارٽي کان اڳواٽ اجازت يا ضلعي انتظاميه طرفان جاري ڪيل هدايت کان سواءِ پنهنجي گهر کان ٻاهر نٿو نڪري سگهي ۽ نه ئي ضلعي نوشڪي جي حد ۾ چرپر ڪري سگهي ٿو.
سرڪاري فرض انجام ڏيندڙ آفيسر، اهلڪار هنگامي طبي خدمتون، ريسڪيو سروسز، يوٽيلٽي سروس فراهم ڪندڙ ادارن ۽ عوامي مفاد ۾ ضروري قرار ڏنل ٻيا ماڻهو يا طبقن کي ڪرفيو کان ڇوٽ حاصل هوندي.
سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهي نوٽيفڪيشن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بنائيندا ۽ انهي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ قانون موجب سمورا ضروري قدم کنيا ويندا. اهو به چيو ويو آهي ته انهي نوٽيفڪيشن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪنهن به شخص جي خلاف لاڳاپيل قانون جي تحت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔