وزيراعظم ملڪ ۾ پيٽروليم اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ توانائي بابت ڪابينه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ وفاقي وزير احد چيمه، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، احسن اقبال ۽ وفاقي سيڪريٽريز به شريڪ ٿيا.

اجلاس کي آئل ريفائنريز جي اپگريڊيشن، انرجي سيڪٽر ۾ اصلاحات ۽ پاليسي تي عملدرآمد جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پاڪستان آئل ريفائننگ پاليسي 2023 ۾ گڏيل ترميم جي منظوري ڏني وئي.

وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته آئل ريفائنريز جي اپ گريڊيشن وقت جي اهم ضرورت آهي اهو پاڪستان جي توانائي تحفظ جي گڏيل نظام جو هڪ اهم ٿنڀو آهي، جديد گهرجن سان هڪ جهڙائي ريفائنريز توانائي ضرورتن کي بهتر انداز ۾ پورو ڪنديون.

هن هدايت ڪئي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان ويجها رابطه رکندي اصلاحاتي عمل کي تيز ڪيو وڃي، اوگرا جي ڪارڪردگي بهتر بنبائڻ، مارڪيٽ ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ اصلاحات آندي وڃي. اصلاحات سان توانائي واري شعبي ۾ هڪ جهڙائي، شفافيت ۽ سرمائيڪاري کي هٿي ملندي. نئين پاليسي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ انهي تي موثر ۽ وقت تي عملدرآمد يقيني بنايو وڃي، ڪنهن به قسم جي غفلت يا دير کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو.

وزيراعظم قطر، سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ روڊ شوز منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته روڊ شوز ترميمي پاڪستان آئل ريفائرننگ پاليسي 2023 جي ترويج لاءِ منعقد ڪيا ويندا. وزيراعظم ريفائننگ پاليسي ۾ ترميم بابت پيٽروليم واري وزير ۽ انهي جي ٽيم جي تعريف ڪئي ۽ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا اسٽريٽجڪ ذخيرا وڌائڻ جي به هدايت ڪئي.

 

تبصرے بند ہیں۔