ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگردي جو سڀني کان وڏو سرپرست بڻيل آهي، خواجه آصف جو راجناٿ سنگهه کي جواب

اسلام آباد:  دفاع واري وزير خواجه آصف ڀارتي هم منصب راجناٿ سنگهه جي تڪراري ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان جي پرزور مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي دفاع واري وزير جي غير ذميوارانه بيان کي قطعي طور تي رد ڪري ٿو.

خواجه آصف ڀارتي دفاع واري وزير جي چڙ ڏياريندڙ بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اهڙي طرح جا بيان سياسي بيان بازي ۽ زبردستي جي رويي ذريعي عالمي طور تي تسليم ٿيل قانوني حقيقتن کي ختم ڪرڻ جي هڪ مسلسل ڪوشش جي عڪاسي ڪن ٿا. اهي بيان نه ته ڀارت جي قبضي هيٺ جمون، ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي علاقائي امن، استحڪام يا معنيٰ جوڳين ڳالهين ۾ ڪو تعاون پيش ڪن ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته جمون، ڪشمير هڪ عالمي طور تي مڃيل تڪرار قائم آهي، جنهن جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي آزادانه طور تي ظاهر ڪيل خواهشن موجب هجڻ آهي.

هن چيو ته پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارت جون ڪيل ڪوششون، رياست جي سرپرستي ۾ جاري آهن انهن جي پنهنجي دهشتگردي ۽ ڏوهارين سرگرمين جو پڪو رڪارڊ مڪمل طور تي اعتبار نه ڪرڻ جوڳو آهي. حقيقت ۾ ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ دهشتگردي جو سڀني کان وڏو سرپرست ۽ عدم استحڪام جو اصل ذميوار آهي، جنهن پنهنجي جارحانه ۽ توسيع پسندانه ارادن سبب سموري خطي کي يرغمال بنائي رکيو آهي.

دفاع واري وزير چيو ته اهڙي طرح ڀارت جي اها غير ذميوارانه بيان بازي به  انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪا خطي ۾ عالمي رياستي تڪرارن جي خطري کي وڌيڪ وڌائي رهي آهي. پاڪستان امن ۽ ڳالهين جي لاءِ پرعزم آهي پر پنهنجي خودمختاري، علاقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي دفاع جو انهي جو ارادو حتمي ۽ غير متزلزل آهي، جنهن جي آزمائڻ جي غلطي ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي.

خواجه آصف چيو آهي ته ڀارتي دفاع واري وزير جي اها زبردستي جي بيان بنازي اصل ۾ ڀارت جي  اندروني ڇڪتاڻ، وڌندڙ بيچيني ۽ مودي جي آمرانه، نفرت پکيڙيندڙ حڪومت جي خلاف عوامي ڪاوڙ ۽ ڌيان هٽائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔