لاهور: آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2028 جي لاءِ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي 14 شهرن ميچز جي ميزباني جي آڇ ڪري ڇڏي.
آسٽريلوي ميڊيا موجب آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2028 جا گڏيل ميزبان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ آهن، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2028 آڪٽوبر، نومبر ۾ شيڊولڊ ٿيل آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي منتظمين ميچز جي ميزباني جون آڇون طلب ڪيون هيون، ٻنهي گڏيل ميزبان ملڪن جي 14 شهرن ميزباني جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، پر منتظمين ميچز جي لاءِ 8 کان 19 شهرن جي چونڊ ڪندا، جڏهن ته 6 شهرن جي ميزباني ڪرڻ واري خواهش پوري نه ٿي سگهندي.
آسٽريلوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جي گائيڊ لائنز موجب منتظمين شهرن جي چونڊ ڪندا. آءِ سي سي لاجسٽڪ جي معاملي تي توازن رکڻ چاهي ٿي، وڌيڪ پکيڙ نٿي چاهي، گهٽ شهرن کان ٻنهي ملڪن ۾ آپريشنز ۽ شيڊولنگ ۾ آساني ٿيندي.
آسٽريلوي ميڊيا جي رپورٽن موجب گهٽ شهرن سبب ٽيمن ۽ فينز کي سفر به گهٽ ڪرڻو پوندو، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فائنل جي ميزباني ميلبرن ڪرڪيٽ گرائونڊ کي ملندي.
تبصرے بند ہیں۔