لاھور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) جو اڳوڻو چيف ايگزیکٽو وسيم خان باسڪيٽ بال جي عالمي تنظيم سان سلهاڙجي ويو آهي. وسيم خان کي باسڪيٽ بال جي عالمي تنظيم ‘ايف آئي بي اي’ (FIBA) جو ايگزیکٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. وسيم خان هن سال آئي سي سي (ICC) جي جنرل مئنيجر ڪرڪيٽ تان سبڪدوش ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو. هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيف ايگزیکٽو پڻ رهي چڪو آهي. وسيم خان ايف آئي بي اي جي آفيس جوائن ڪري ورتي آهي، هو باضابطه طور تي پنهنجو عهدو جنوري 2027ع ۾ سنڀاليندو. خطي جون 44 باسڪيٽ بال فيڊريشنون وسيم خان جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪنديون.
تبصرے بند ہیں۔