ڪراچي: چائنا اسٽيٽ شپ بلڊنگ ڪارپوريشن (سي ايس ايس سي) گني ۾ ريو ٽنٽو جي سمانڊوخام لوهه جي معدنيات واري منصوبي لاءِ تيار ڪيل پنجن وڏن خودڪار معدنيات ان لوڊ ڪندڙ جهازن مان پهريون جهاز 21 جولاءِ تي ڪمپني حوالي ڪري ڇڏيو.
“وونٽانارا (Wontanara)” نالي هي نئون جهاز سامونڊي ڪناري جي گهٽ اونهائي وارن علائقن مان خام لوهه جي معدنيات وڏي مال بردار جهازن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، جيڪي سمنڊ ۾ پري لنگرانداز هوندا.
سي ايس ايس سي هن جهاز کي “خودڪار مال لاهيندڙ جهازن جو بادشاهه” قرار ڏيندي چيو آهي ته هن ٽن نون عالمي رڪارڊن جو بنياد وڌو آهي.
ڪمپني موجب هي نئون جهازي سلسلو: وزن کڻڻ جي صلاحيت جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو گهٽ اونهائي وارن پاڻيءَ ۾ هلندڙ خودڪار مال لاهيندڙ جهاز هوندو. مال لاهڻ جي رفتار جي لحاظ کان دنيا جو تيز ترين خصوصي خودڪار جهاز هوندو ۽ پنهنجي درجي ۾ دنيا جو پهريون ٻنهي رخن ۾ هلندڙ (Bidirectional) خودڪار مال لاٿيندڙ جهاز هوندو.
گهٽ اونهائي وارن سامونڊي علائقن لاءِ خاص طور تي تيار
اهي پنجئي جهاز خاص طور تي اولهه آفريڪا جي ملڪ گني ۾ موجود سمانڊو لوهه جي معدنيات واري منصوبي لاءِ تيار ڪيا ويا آهن، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي اڃا مڪمل طور استعمال نه ٿيل خام لوهه جي ذخيرن مان هڪ آهي.
ريو ٽنٽو هن منصوبي ۾ چيني ڀائيوارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. منصوبي ۾ موجود چار کاڻين مان ٻن تي ريو ٽنٽو جو ڪنٽرول آهي، جڏهن ته باقي ٻن تي هڪ چيني گروپ ڪم ڪري رهيو آهي.
سمانڊو ۾ کاڻيون کوٽڻ جو ڪم 2025ع جي آخر ۾ شروع ٿيو هو، جيڪو هن سال وڌيڪ وڌايو ويو آهي. هن ذخيري جي ماليت 24 ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي.
هن منصوبي جو هڪ وڏو مسئلو سامونڊي ڪناري جي گهٽ اونهائي آهي، جتي وڏا مال بردار جهاز پهچي نٿا سگهن.
اهي نوان خودڪار جهاز اهو مسئلو حل ڪندا، ڇو ته اهي بندرگاهه تان لوهه جي معدنيات کڻي سمنڊ ۾ بيٺل وڏن جهازن تائين پهچائيندا.
هر جهاز: 41,800 ميٽرڪ ٽن وزن کڻڻ جي گنجائش رکي ٿو، ان جي ڊيگهه لڳ ڀڳ 215 ميٽر (705 فوٽ) آهي. هڪ وقت ۾ 29 هزار ڪعبي ميٽر لوهه جي معدنيات کڻي سگهي ٿو. هي جهاز 14.5 ميٽر پاڻيءَ جي اونهائي ۾ هلي سگهن ٿا، جڏهن ته روايتي وڏن معدنيات کڻندڙ جهازن کي عام طور 18 ميٽر يا ان کان وڌيڪ اونهائي گهربل هوندي آهي.
تيز رفتاري سان مال لاهڻ جي صلاحيت
سي ايس ايس سي موجب هر جهاز في ڪلاڪ 12 هزار ٽن لوهه جي معدنيات لاهي سگهي ٿو، جيڪو هن شعبي ۾ نئون عالمي رڪارڊ آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اها رفتار اڳوڻي رڪارڊ کان 71 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اڳيون رڪارڊ 2023ع ۾ ڪمپني جي ئي جديد بڻايل هڪ ٻئي جهاز وٽ هو، جيڪو في ڪلاڪ 7 هزار ٽن مال لاهيندو هو.
هر جهاز جي 41,800 ٽن گنجائش کي نظر ۾ رکندي، ڪمپني جو اندازو آهي ته اهي پنجئي جهاز گڏجي صرف 24 ڪلاڪن اندر 200 هزار ٽن گنجائش واري هڪ وڏي سامونڊي مال بردار جهاز کي مڪمل طور ڀري سگهن ٿا.
جديد ڊيزائن ۽ خودڪار نظام
انهن جهازن کي اهڙي نموني تيار ڪيو ويو آهي جو اهي ٻنهي طرفن ۾ آساني سان هلي سگهن ٿا، جنهن سبب محدود پاڻيءَ وارن علائقن ۾ ڦرڻ جي ضرورت گهٽجي وڃي ٿي.
انهن ۾ ڊيزل-اليڪٽرڪ پروپلشن سسٽم استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جديد خودڪار نظام سبب نسبتاً گهٽ عملي سان به جهاز هلائي سگهجن ٿا.
صرف 14 مهينن ۾ تيار
وونٽانارا جي تعمير مئي 2025ع ۾ سي ايس ايس سي جي يانگزو شپ يارڊ ۾ شروع ٿي. صرف 14 مهينن ۾ جهاز مڪمل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ جون جي آخر ۽ جولاءِ جي شروعات ۾ 12 ڏينهن سامونڊي آزمائشن کانپوءِ 21 جولاءِ تي ڪمپني حوالي ڪيو ويو.
سي ايس ايس سي هن سال مئي ۽ جون دوران هن سيريز جا پهريان ٻه جهاز پاڻيءَ ۾ لاٿا هئا. ٻيو جهاز آڪٽوبر ۾ حوالي ڪيو ويندو، جڏهن ته باقي ٽي جهاز 2027ع جي وچ تائين ٻيڙي ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان آهن.
تبصرے بند ہیں۔