لاهور: روزاني جي بنياد تي پيٽروليم شين جي قيمتن واري معاملي تي پيٽرول پمپس اونرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي هڙتال سبب ڪراچي، لاهور ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي پمپ بند آهن.
رپورٽ موجب پنجاب جي صوبائي راڄڌاني جي مختلف علائقن ۾ پيترول پمپ بند آهن، لاهور سميت ڀرپاسي جي علائقن جا 150 کان وڌيڪ پيٽرول پمپ بند آهن جنهن سبب عوام کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اهڙِ طرح ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ به پمپ بند ٿيڻ جا اطلاع سامهون آيا، ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ پيٽروليم ايسوسيئيشن مطالبن جي حق ۾ اڻڄاتل مدي جي هڙتال شروع ڪري ڇڏي، جنهن سبب صوبي ۾ ڪيترائي پيٽرول پمپ مڪمل يا جزوي طور تي بند آهن.
مالاڪنڊ ڊويزن جي ضلعن دير، لوئر، اپردير، چترال، باجوڙ، سوات، مالاڪنڊ، شانگله ۽ بونير ۾ پيٽرول پمپ مالڪن جي هڙتال جاري آهي جنهن سبب سمورا ننڍا ۽ وڏا پيٽرول پمپ گذريل رات کان بند آهن. پيٽرول پمپن جي بندش سبب گاڏين کي تيل جي فراهمي معطل آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽ برادري ۽ شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هڙتال جي نتيجي ۾ روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ به نه هجڻ جي برابر رهجي وئي آهي.
ايسوسيئيشن مطالبو ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمتن جو روزاني جي بنياد تي طئي ڪرڻ جو فارمولو ختم ڪري، جڏهن ته گذريل اٺ سالن کان پيٽرول پمپ مالڪن جو مارجن نه وڌائڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.
پيٽروليم ايسوسيئيشن خيبرپختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري بهزادالرحمان چيو ته مطالبن جي منظوري تائين احتجاج ۽ پيٽرول پمپن جي بندش جاري رهندي. هنن حڪومت کان فوري طور تي ڳالهيون ۽ مسئلن جي حل جو مطالبو ڪندي چيو ته پيٽرول پمپن جي بندش سبب شهرين کي سخت پريشانيون ۽ پيٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔