سامسنگ پاران انسان نما روبوٽ تيار ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي:سامسنگ اليڪٽرانڪس اڱاري ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته هو روبوٽڪس جي شعبي ۾ ترقي ۽ تجارتي استعمال جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ روبوٽڪس کي ڪمپني جي مستقبل جي واڌ ويجهه جو اهم ذريعو بڻائڻ لاءِ هڪ نئون روبوٽڪس ڊويزن قائم ڪندو، جيڪو سڌو سنئون ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) کي رپورٽ ڪندو.
ڏکڻ ڪوريا جي هن وڏي صنعتي گروپ موجب، آر ايڪس (RX) يا “روبوٽڪس ايڪسپيرينس ڊويزن روبوٽڪس بابت ڪمپني جي وچولي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي، بنيادي ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ ڪاروباري منصوبن تي عملدرآمد جي ذميواري سنڀاليندو، جڏهن ته ملڪ اندر ۽ ٻاهر تحقيقاتي صلاحيتن کي به وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو.
سامسنگ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيڊنٽ لي ڊونگ ڪُن روبوٽڪس اسٽريٽجي ٽيم جي سربراهي ڪندو. لي ان کان اڳ هنڊائي موٽر گروپ ۾ روبوٽڪس حڪمت عملي جي اڳواڻي ڪري چڪو آهي، جتي هو بوسٽن ڊائنامڪس سميت روبوٽڪس منصوبن جي رهنمائي ڪندو رهيو.
ڪمپني اهو پڻ اعلان ڪيو ته آمريڪا، چين ۽ جاپان ۾، جتي روبوٽڪس ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، روبوٽڪس ريسرچ هب قائم ڪيا ويندا، جيئن مقامي ٽيڪنالاجي ماحول، ماهرن ۽ تحقيقاتي صلاحيتن مان فائدو وٺندي عالمي مقابلي جي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.
هي قدم سامسنگ جي روبوٽڪس شعبي ۾ جاري وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي. جنوري ۾ پنهنجي مالي نتيجن بابت ڪانفرنس ڪال دوران ڪمپني چيو هو ته هو هلندڙ سال هيومنائيڊ (انسان جهڙن) روبوٽن جي ڪاروبار ۾ “واضح ۽ عملي نتيجا” حاصل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
اپريل ۾ سامسنگ چيو هو ته روبوٽڪس جي ترقي ۽ ان جي تجارتي استعمال کي تيز ڪرڻ لاءِ ضرورت پوڻ تي سيڙپڪاري ۽ ڪمپنين جي خريداري تي به غور ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽيڪنالاجي جي ترقي لاءِ مقامي ڪمپنين سان ڀائيواري پڻ ڪئي ويندي.
سامسنگ جو چوڻ آهي ته فزيڪل اي آءِ جهڙين جديد ٽيڪنالاجين ۾ ٿيندڙ ترقي روبوٽڪس جي ڪاروبار کي اڳ کان وڌيڪ عملي ۽ ڪارائتو بڻائي رهي آهي. ڪمپني جو منصوبو آهي ته اهڙا هيومنائيڊ روبوٽ تيار ڪيا وڃن، جيڪي پيداواري صلاحيت ۽ صارفين جي تجربي ٻنهي کي بهتر بڻائين. شروعاتي طور اهي روبوٽ پيداواري ڪارخانن ۾ استعمال ڪيا ويندا، جنهن کان پوءِ انهن جو دائرو گهرن ۽ پرچون (ريٽيل) شعبي تائين وڌايو ويندو.

تبصرے بند ہیں۔