ممبئي: بالي ووڊ اداڪار سلمان خان کي هڪ تقريب ۾ ڏسي مداح پريشان ٿي ويا. ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان تازو ئي ممبئي ۾(سلم ري بيبيلي ٽيشن اٿارٽي) طرفان منعقد ڪيل هڪ سرڪاري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ڀارتي اداڪار انهي موقعي تي اٿارٽي جي نئين ڊيٽا ڪليڪشن اينڊ ويريفڪيشن سپورٽ سينٽر(آئي ٽي سرور روم) جو افتتاح پڻ ڪيو. پر تقريب ۾ سلمان خان پنهنجي دبنگ اسٽال جي ڪري نه پر ڪمزور نظر اچڻ سبب بحث جو موضوع بڻجي ويو.
سوشل ميڊيا تي تيزي سان وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ 60 ورهين جو اداڪار سلمان خان ڪافي بيمار نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته تصوير ۾ هو ڪافي ڪمزور پڻ لڳي رهيو آهي.
سلمان خان جي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ اداڪار جي مداحن طرفان سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرن جو سلسلو جاري آهي، مداحن طرفان بالي ووڊ سپر اسٽار جي صحت تي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو پيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔