ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي ڪشمير مسئلي جي حل سان جڙيل آهي: صدر، وزيراعظم

اسلام آباد:صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪشميري عوام جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته جمون، ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي.

صدر آصف علي زرداري چيو ته يوم الحاس پاڪستان ڪشميري عوام جي تاريخي امنگن جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستان ۽ جمون، ڪشمير جي عوام جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني رشتا مضبوط آهن. صدر چيو ته ڪشميري عوام جي حق خودراديت جو احترام ضروري آهي، جمون، ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي، عالمي برادري والاريل جمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڌيان ڏئي.

هن چيو ته اقوام متحده پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بنائڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ڪشميري عوام جي حق خودارديت جي حمايت پاڪستان جي مستقل پاليسي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته يوم الحاق پاڪستان هر سال 19 جولاءِ تي انهي تاريخي قرارداد جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي جيڪو 19 جولاءِ 1947ع تي سري نگر ۾ منعقد آل جمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس جي اجلاس ۾ گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي هئي.

هن چيو ته اها گڏيل قرارداد برصغير جي تاريخ جي هڪ فيصله ڪن مرحلي تي جمون، ڪشمير جي مسلمانن جي اجتماعي سياسي امنگن جي آئينه دار هئي، انهي قرارداد ۾ رياست جي پاڪستان سان الحاق جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڊوگره حڪمرانن تي زور ڏنو ويو ته اهي عوام جي خواهشن جو احترام ڪن، اها قرارداد اڄ به جمون، ڪشمير جي عوام جي سياسي جدوجهد جو هڪ اهم تاريخي سنگ ميل سمجهي ويندي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن انهي صورت ۾ ممڪن آهي جڏهن انهي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي گڏيل قراردادن  ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي.

 

تبصرے بند ہیں۔