اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ملاقات ڪئي.وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم مونسون جي برساتن دوران صوبائي حڪومتن ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ مونسون جي برساتن دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تياري بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف کي اڳواٽ اطلاع واري نظام (پريشگي اطلاع نظام) کي مڪمل طور فعال بڻائڻ ۽ ماحولياتي تبديلين واري وزارت سان ان حوالي سان سهڪار تي ٿيل اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔